حسن علي ۽ وهاب رياض پاڪستان جي ڪرڪيٽ وڌيڪ فائديمند ثابت ٿي سگهن ٿا، ڊيرن سمي

پشاور زلمي جي ٽيم جي ڪپتان ڊيرن سمي جوچوڻ آهي ته حسن علي ۽ وهاب رياض پاڪستان جي ڪرڪيٽ وڌيڪ فائديمند ثابت ٿي سگهن ٿا.

نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊيرن سمي چيو ته حسن علي ۽ وهاب رياض جو ڪامبينيشن ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اميد آهي ته سڀاڻي رٿيل فائنل ۾ به ٻئي بالرز سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪندا.

هن چيو ته سندس لاءِ ذاتي ڪارڪردگي کان وڌيڪ ٽيم جي ڪارڪردگي وڏي اهميت رکي ٿي.

هن چيو ته پي ايس فور ۾ کيس بهترين ڪرڪيٽ ۽ دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ مليا۽ هر ميچ ۾ تماشائين ڀرپور انجواءِ ڪيو آهي.

ڊيرن سمي چيو ته ڪراچي ۾ ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندڙ ٽيم کي فائدو پهچي ٿو ۽ سندن ڪوشش هوندي ته ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪري اسڪور ڪيون.

ڊيرن سمي وڌيڪ چيو ته پي ايس ايل جون ميچز ڪٿي به ٿين پر کيس گهڻو مزو ايندو آهي.

پشاور زلمي جي ڪپتان وڌيڪ چيوته پي ايس ايل فور ۾ هن وقت تائين بيٽسمين جي مقابلي ۾ بالرز جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي رهي آهي.

هن چيو پاڪستان ۾ سندس مداحن پاران ملندڙمحبت ڏسي تمام گهڻي خوشِي ٿيندي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*