بلاول ڀٽو زرداري پيءُ جي چوڻ تي هلڻ بدران پنهنجي سياست بچائي ته بهتر آهي، شيخ رشيد

ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد پيپلز پارٽي جي چيئرمين تي تنقيد جا تير هلائيندي چيو آهي ته هو بلاول کي سمجهائي ٿو ته مڙي وڃي، ڪٿي ائين نه ٿئي ته بلاول سندس خلاف ٿاڻي تي پهچي الزام نه هڻي ته هن  سندس ڪپڙا ڦاڙيا آهن.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته ملڪ جو ناڻو لٽيندڙن مئلن جي نالي تي اربين رپيا باهر موڪليا پر اڄ اهي چور ضمانتن لاءِ عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن.

شيخ رشيد چيو ته هن اڳ به بلاول کي معاف ڪيو هو ۽ ڪالهه به ڪجهه ماڻهن جي چوڻ تي کيس معاف ڪيو آهي، کيس ڊپ آهي ته ڪٿي بلاول پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ٿاڻي تي پهچي مٿس الزام نه هڻي.

شيخ رشيد چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پيءُ جي چوڻ تي هلڻ بدران پنهنجي سياست بچائي ته بهتر آهي.

شيخ  رشيد ريلوي ملازمن جي پگهارن ۾ 3 هزار رپيا واڌ ۽ 10 هزار نوڪريون ڏيڻ جو اعلان به ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*