پاڪ فوج ڀارت جو جاسوس ڊرون ڪيرائي دشمن جي هڪ وڌيڪ سازش ناڪام بڻائي ڇڏي

 پاڪ فوج ڀارت جو جاسوس ڊرون ڪيرائي دشمن جي هڪ وڌيڪ سازش ناڪام بڻائي ڇڏي.

 ڊي جي آءِ ايس پي آر  جو چوڻ آهي ته ڀارتي ڊرون ايل او سي جي رَکَ چڪري سيڪٽر تي 150 ميٽر پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيو.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج فوري ڪارروائي ڪندي ڀارتي جاسوس جهاز کي ڪيرائي وڌو.

واضح رهي ته ڀارت 26 فيبروري تي فضائي حدن جي ڀڇڪڙي ڪئي هئي ۽ ڀارتي جهازن پاڪستاني حدن جي ڀڇڪڙي ڪئي هئي، جنهن جي جواب ۾ پاڪ فوج ٻي ڏينهن ئي ڀارتي جهازن کي ڪيرائي ڇڏيو هو ۽ هڪ پائلٽ کي پڻ زنده حالت ۾ پڪڙيو هو، جنهن کي بعد ۾ خير سگالي واري جذبي تحت آزاد ڪيو ويو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*