بلوچستان جي علائقي بولان ويجهو ٽرڪ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا

بلوچستان جي علائقي بولان ويجهو ٽرڪ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن مان ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

بولان ويجهو بي بي نالي واري علائقي ۾ سبي کان ڪوئيٽا ويندڙ ٽرڪ ٽائر ڦاٽڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

زخمين ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن، جن کي سول اسپتال مڇ منتقل ڪيو ويو آهي،جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي.

اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته زخمين مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*