نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ دهشتگرد حملن ۾ وڌيڪ ٽن پاڪستانين جي شهيد ٿيڻ جي تصديق بعد شهيدن جو انگ وڌي 9 ٿي ويو آهي

نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ دهشتگرد حملن ۾ وڌيڪ ٽن پاڪستانين جي شهيد ٿيڻ جي تصديق بعد شهيدن جو انگ وڌي 9 ٿي ويو آهي، پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته شهيدن جي سڃاڻپ غلام حسين، سندس زال ڪَرم بيبي ۽ سندن پٽ ذيشان رضا طور ٿي آهي، جن جو تعلق ڪراچي سان آهي.

نيوزيلينڊ ۾ ٻن مسجدن تي ٿيل ۾ شهيد ٿيلن جو انگ وڌي 53 ٿي ويو آهي، گم ٿيل وڌيڪ ٽن پاڪستانين جي به شهيد ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، جنهن بعد پاڪستاني شهيدن جو انگ وڌ 9 ٿي ويو آهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل موجب، شهيدن جي سڃاڻپ غلام حسين، سندس زال ڪَرم بيبي ۽ سندن پٽ ذيشان رضا طور ٿي آهي، جن جو تعلق ڪراچي سان آهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته ڪرائسٽ چرچ سانحي ۾ شهيد ۽ زخمي ٿيندڙ ماڻهن جا وارث وزٽ ويزا لاءِ درخواست ڏئي سگهن ٿا.

ڊاڪٽر محمد فيصل نيوزيلينڊ ۾ پاڪستان جي اعزازي قونسل جنرل جو فون نمبر جاري ڪندي چيو ته متاثر درخواست نمبر ۽ پاسپورٽ جي اسڪين ڪاپي اعزازي قونصل جنرل معين فودا ڊاٽ آرگ تي ايميل ڪري سگهن ٿا.

گذريل ڏينهن نيوزيلينڊ ۾ مسجدن تي دهشتگرد حملن ۾ 6 پاڪستانين جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي هئي.پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو هو ته شهيد پاڪستانين ۾ سهيل شاهد، سيد جهانداد، سيد اريب، محبوب هارون ، نعيم راشد ۽ سندس پٽ طلحه نعيم شامل آهن.

ترجمان وڌيڪ ڄاڻايو ته نيوزي لينڊ جي حڪومت شهيد ٿيل پاڪستانين جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

واضح رهي ته نيوزي لينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ جي ٻن مسجدن تي آسٽريلوي دهشتگرد برينٽن ٽيرينٽ حملو ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ پهرين ڏينهن 50 ڄڻا شهيد ٿيا هئا….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*