پي ايس ايل جي ٽرافي ڪنهن جي ٿيندي؟ فيصلي جي گهڙي اچي وئي آهي

پي ايس ايل جي ٽرافي ڪنهن جي ٿيندي؟ فيصلي جي گهڙي اچي وئي آهي، اچ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۽ پشاور زلمي جون ٽيمون ميدان تي لهنديون.

ڪراچي ۾پي ايس ايل جو ميلو عروج تي پهتل آهي، ٽيون ڀيرو فائنل ۾ پهتل ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز پهريون ڀيرو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪرڻ لاءِ بيتاب آهي.

ڪپتان سرفراز احمد کي ايونٽ جي ٽاپ اسڪورر شين واٽسن جون خدمتون حاصل آهن.، ان کان علاوه عمر اڪمل، احمد شهزاد، رائلي روسو ۽ احسان علي به ميچ جو پاسو بدلائڻ جي صلاحيت رکن ٿا.

آل رائونڊر ڊيوائن براوو، محمد نواز ۽ تجربيڪار سهيل تنوير ۽ باصلاحيت محمدحسنين به مخالف ٽيم جي بيٽسمينن کي پريشان ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي.

ايونٽ جي آخري ٽن وڏن مقابلن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جو اعتماد بحال آهي، جڏهن ته ٻي طرف پشاور زلمي جي ٽيم به 2017 واري تاريخي ورجائي ٻيو ڀيرو چيمپئن ٿيڻ لاءِ ميدان تي لهندي.

پشاور زلمي وٽ ٽاپ آرڊر ۾ ڪامران اڪمل ۽ اِن فارم امام الحق موجود آهن، ان کان علاوه ٽيم جون نظرون ڪيرون پولارڊ ۽ ڪپتان ڊيرن سيمي تي به کتل آهن.

چوٿين ايڊيشن جي ڪامياب بالر حسن علي، اسپيڊ اسٽار وهاب رياض، سِلو بال جَي ماهر ٽائم ملز ۽ پيسَر ڪرسِ جورڊن به ڪوئيٽا جهڙي مضبوط ٽيم جي بيٽيسمينن خلاف حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي.

ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز پشاور زلمي کي شڪست ڏئي سڌيءَ ريت فائنل ۾ جاءِ ٺاهي هئي، جڏهن ته پشاور زلمي هڪ موقعو وڃائڻ جو ڀرپور فائدو کڻندي ايليمينٽر ون ۾ ڪراچي ڪنگز کي شڪست ڏني ۽ ايليمينٽر ٽو ۾ دفاعي چيمپيئن اسلام آباد يونائيٽيڊ کي به ايونٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو.

پي ايس ايل جي رڪارڊ موجب ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي برتري حاصل آهي، هيل تائين 13 گڏيل مقابلن ۾ سرفراز اليون ستن ۽ ڊيرن سيمي اليون پنجن ميچز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.

ايونٽ جي بهترين اسڪورر ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جو ٽاپ آرڊر بيٽسمين شين واٽسن 4 سئو 23 رنسون ٺاهي پهرين پوزيشن تي آهي، جڏهن ته احمد شهزاد 2 سئو 53 ۽ عمر اڪمل 2 سئو 77 رنز ٺاهي بهترين فارم ۾ آهن.

ٻي طرف پشاور زلمي جو ڪامران اڪمل بالرز به بهترين فارم ۾ آهي، جڏهن ته 3 سئو 88 رنز ٺاهيندڙ امام الحق به ٽيم کي سٺي شروعات فراهم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*