ڪوئيٽا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ هلڪي برسات کانپوءِ ٿڌ جي شدت ۾ واڌ اچي وئي

ڪوئيٽا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ هلڪي برسات کانپوءِ ٿڌ جي شدت ۾ واڌ اچي وئي، موسميات کاتي موجب، ڪوئيٽا ۾ گرمي پد، پنج، قلات ۾ 7، بارکان  ۽ تربت ۾ 10 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، ايندڙ  24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر عائقن ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي.

بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا ۾  برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي، جنهن سبب ٿڌ جي شدت ۾ واڌ اچي وئي آهي.

موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪوئيٽا ۾ وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته ڪوئيٽا سميت بلوچستان جي 22 ضلعن ۾ اڄ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب، زوب، شيراني، قلعه عبدالله، قلعه سيف الله، مستونگ ۽ زيارت ۾ به برسات جو امڪان آهي، ڪوهلو، ڊيره بگٽي، بولان، قلات، خضدار ۽ خاران، هرنائي ۽ واشڪ ۾ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب، تيز برسات هيٺاهين وارن علائقن ندي نالين ۾ چاڙهه جو خدشو آهي، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب، اسلام آباد ۾ گرمي پد 10 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته مستونگ ۾ گرمي پد ڪاٽو 3 رڪارد ڪيو ويو.

موسميات کاتي موجب، ڪوئيٽا ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد پنج، قلات ۾ ست، بارکان ۽ تربت ۾ 10 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*