ڪرائسٽ چرچ سانحي ۾ شهيد ٿيلن جو انگ وڌي 53 ٿي ويو آهي

ڪرائسٽ چرچ سانحي ۾ شهيد ٿيلن جو انگ وڌي 53 ٿي ويو آهي، متاثرن لاءِ فنڊ ريزنگ دوران 50  لک ڊالر جمع ٿي ويا آهن. وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن اعتراف ڪندي چيو آهي ته ڪرائسٽ چرچ مسجدن تي حملي کان ڪجهه دير اڳ انٽيلي جنس ايجنسين کي اطلاع ملي ويو هو پر پوليس پهچڻ کان اڳ ئي حملي آور مسجد پهچي چڪو آهي.

نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ شهيدب ٿيلن جو انگ وڌي 53 ٿي ويو آهي، جڏهن ته زخمين جي سڃاڻپ وارو عمل به جاري آهي.

نيوزيلينڊ ۾ متاثرين لاءِ فنڊريزنگ جو به سلسلو جاري آهي، ان حوالي سان 50 لک ڊالر جمع ٿي ويا آهن.

پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪرائسٽ چرچ ۾ ٿيل فائرنگ کانپوءِ بند ڪيل مسجدن کي انتظاميا کولي ڇڏيو آهي، جڏهن ته مسجدن ٻاهران پويلس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، دهشتگردي ڪندڙ آسٽريلوي برينٽن ٽارنٽ  سان لاڳاپا رکڻ جي شڪ ۾ گرفتار ڪيل ٻن ڄڻن کي آزاد ڪيو ويو آهي، جن تي ڪو به ڏوهه ثابت نه ٿيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، دهشتگرد برينٽن ٽارنٽ جي سوشل ميڊيا تيحمت ڪندڙ اولڊ هيم سان تعلق رکندڙ نوجوان کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب آسٽريلوي دهشتگرد حملي کان 10 منٽ اڳ وزيراعظم سميت 70 ماڻهن کي پنهنجو منشور موڪليو هو، وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن جي آفيس پاران منشور وصول ڪرڻ جي تصديق به ڪئي وئي هئي.

وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن اعتراف ڪندي چيو ته ڪرائسٽ چرچ مسجدن تي حملي کان 9 منٽ اڳ انٽيلي جنس ايجنسين کي اطلاع ملي ويو هو پر پوليس پهچڻ کان اڳ ئي حملي آور مسجد پهچي چڪو آهي.

نيوزيلينڊ جي وزيراعظم چيو ته ڪرائسٽ چرچ جهڙن واقعن جي روڪ ٿام لاءِ منصوبابندي ڪري رهيا آهيون، ملڪ ۾ هٿيار رکڻ واري قانون ۾ به ترميم ڪئي ويندي

نيوزيلينڊ وزيراعظم جيسينڊا آرڊرن چيو ته ڪرائسٽ چرچ دهشتگرد حملي ۾ مارجي ويلن جا مڙهه اڄ وارثن حوالي ڪيا ويندا، اهو مرحلو اربع تائين مڪمل ٿي ويندو.

نيوزيلينڊ جي وزيراعظم چيو ته سڀاڻي ڪابينا گڏجاڻي ۾ حڪومتي پاليسي، گن ڪنٽرول قانون ۾ تبديلي بابت ڳالهيون ٿينديون،  جڏهن ته اڱاري تي اپرليامينٽ ۾ متاثرن جي ياد ۾ تقريب به ڪوٺائي ويندي.

واضح رهي ته وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن پاران حملي جو نشانو بڻجندڙ مسجد نور جو دورو ڪيو هو، عورتن کي ڀاڪر پائي دلاسا به ڏنا هئا….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*