وزيراعظم عمران خان نيوزلينڊ ۾ شهيد ٿيل نعيم راشد لاءِ قومي ايوارڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

وزيراعظم عمران خان نيوزلينڊ ۾ شهيد ٿيل نعيم راشد لاءِ قومي ايوارڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرائسٽ چرچ دهشتگردي ۾ متاثر پاڪستاني ڪٽنبن سان گڏ بيٺل آهيون، پاڪستان کي نعيم راشد تي فخر آهي، جنهن دهشتگرد کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي..

وزيراعظم عمران خان ڪرائسٽ چرچ حملي ۾ شهيد ٿيل پاڪستاني شهري نعيم راشد لاءِ ايوارڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

سياسي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل  بيان ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي نعيم راشد تي فخر آهي، جنهن دهشتگرد کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندي شهيد ٿي ويو.

وزيراعظم عمران خان چيو ته  اسان ڪرائسٽ چرچ دهشتگرد حملي جي متاثر ڪٽنبن سان گڏ بيٺل آهيون.

واضح رهي ته نيوزيلينڊ جي مسجد تي حلي دوران دهشتگرد کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندڙ نعيم راشد پنهنجي پٽ طلحه نعيم سان گڏ شهيد ٿي ويو هو.

عالمي ميڊيا به دهشتگردي دوران ٻين جون حياتيون بچائندي شهي ٿيل پاڪستاني شهري نعيم راشد کي هيرو قرار ڏنو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*