سنڌ جو وڏو وزير نيشنل اسٽيڊيم پهچي پي ايس ايل فائنل ميچ جي انتظامن جو جائزو ورتو

سنڌ جو وڏو وزير نيشنل اسٽيڊيم پهچي پي ايس ايل فائنل ميچ جي انتظامن جو جائزو ورتو، مراد علي شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀتُ زرداري به اڄ فائنل ميچ ڏسڻ استيڊيم پهچندو.

وڏي وزير مراد علي شاهه نيشنل استيڊيم پهچي پي ايس ايل جي فائنل ميچ جي انتظامن جو جائزو ورتو.

وڏي وزير مراد علي شاهه سان گڏ صوبائي وزير امتياز شيخ ۽ ٻيا وزير به اسٽيڊيم پهتا.

 وڏي وزير چيو ته پي ايس ايل ميچز ڪراچي ۾ ٿيڻ اعزاز آهي، پي ايس ايل ۾ پرڏيهي رانديگرن جي شرڪت پاڪستان ۾ انٽر نيشنل ڪرڪيٽ جا رستا کولڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

مراد علي شاهه چيو ته پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به پي ايس ايل جو فائنل ڏسڻ لاءِ اسٽيڊيم پهچندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*