پشاور ۾ گلبهار ٿاڻي جي پوليس موبائيل تي دستي بم حملي جي نتيجي ۾ 5 اهلڪار زخمي ٿي پيا

پشاور ۾ گلبهار ٿاڻي جي پوليس موبائيل تي دستي بم حملي جي نتيجي ۾ 5 اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن.

گلبهار ٿاڻي جي پوليس معمول موجب گشت تي هئي ته موٽرسائيڪل تي سوار هٿياربند دستي بم اڇلائي فرار ٿي ويا.

دستي بم موبائيل ويجهو ڦاٽڻ سبب ڌماڪو ٿيو، جنهن جتي نتيجي ۾ 5 اهلڪار زخمي ٿي پيا، جن ۾ ذوالفقار، الياس، نيڪ محمد ۽ خليل شامل آهن.

پوليس موجب، زخمي اهلڪارن کي طبي امداد لاءِ ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*