ڪنڌڪوٽ ويجهو ٽريڪٽر ٽرالي بارودي سرنگهه سان ٽڪرائجڻ سبب هڪ پورهيت مارجي ويو، 2 زخمي ٿي پيا

ڪنڌڪوٽ ويجهو ٽريڪٽر ٽرالي بارودي سرنگهه سان ٽڪرائجڻ سبب هڪ پورهيت مارجي ويو ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، سنڌ ۽ بلوچستان پوليس جي حد تڪرار سبب وڌيڪ هڪ  پورهيت به ترپي تڙپي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.

آر ڊي 109 وٽ مٽي سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي بارودي سرنگهه سان ٽڪرائجي وئي، جنهن بعد ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ پورهيت رمضان مڱڻهار مارجي ويو ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

مل گذار ٿاڻي جي پوليس ۽ بلوچستان جي يارو پٽ سئي ٿاڻن جي پوليس وچ ۾ حد تڪرار سبب پورهيت امير بخش مرهٽو اسپتال منتقل نه ٿيڻ ڪري تڙپي تڙپي دم ڏنو، جڏهن ته زخمي پورهيت کي مقامي ماڻهن اسپتال منتقل ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*