سنڌ هاءِ ڪورٽ آصف زرداري تشدد ڪيس ٻي عدالت ڏانهن منتقل ڪرڻ بابت پراسيڪيوشن کان جواب طلب ڪري ورتو

سنڌ هاءِ ڪورٽ آصف زرداري تشدد ڪيس ٻي عدالت ڏانهن منتقل ڪرڻ بابت پراسيڪيوشن کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس عبدالمالڪ تي ٻڌل سنگل بينچ سي آءِ اي سينٽر ۾ آصف علي زراري تي تشدد بابت اڳوڻي آءِ جي راڻا مقبول فاروق، امين قريشي ۽ ڊاڪٽر نجف مرزا خلاف داخل ڪيل ڪيس ٻي عدالت ڏانهن منتقل ڪرڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي.

درخواستگذار موجب ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سائوٿ جي عدالت ۾ هلندڙ آهي تنهنڪري هو ان کي ٻي عدالت ڏانهن منتقل ڪرڻ چاهين ٿا.

سنڌ هاءِ ڪورٽ پراسيڪيوشن کي جواب داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*