ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز فائنل ۾ پشاور زلمي کي آئوٽ ڪلاس ڪري پاڪستان سپر ليگ فور جو چيمپئن بڻجي ويو

ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز فائنل ۾ پشاور زلمي کي آئوٽ ڪلاس ڪري پاڪستان سپر ليگ فور جو چيمپئن بڻجي ويو.

ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ڪپتان سرفراز احمد ٽاس کٽي پشاور زلمي کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.

پشاور زلمي پاران ڪامران اڪمل ۽ امام الحق اننگ جي شروعات ڪئي پر ٻئي اوور ۾ ئي امام الحق 3 رنز ٺاهي محمد حسنين جي بال تي احمد شهزاد هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو.

ميچ جي چوٿين اوور ۾ ڪامران اڪمل به 21 رنز ٺاهي محمد نواز جي بال تي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته صهيب مقصود به 20 بالن تي 20 رنز ٺاهي ڊيون براوو جو شڪار ٿيو.

عمر امين ٿوري مزاحمت ڪئي ۽ 38 رنز جي اننگ کيڏي سگهيو، جڏهن ته گل نبي 9 ۽ ڪيرون پولارڊ 7 رنز ٺاهيون، ان کان علاوه ڊيرن سيمي 18 ۽ وهاب رياض 12 رنز ٺاهي سگهيا، اهڙي ريت پشاور زلمي جي سموري ٽيم مقرر ويهه اوورز ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي هڪ سئو 38 رنز ٺاهي سگهي.

ڪوئيٽا جي حيدرآباد واسي نوجوان فاسٽ بالر محمد حسنين 30 رنز ڏئي ٽن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو ۽ کيس مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، جڏهن ته ڊيون براوو 2، فواد خان ۽ محمد نواز هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.

ڪوئيٽا پاران اننگ جي شروعات شين واٽسن ۽ احمد شهزاد ڪئي پر شين واٽسن 7 رنز ٺاهي رن آئوٽ ٿيو، جڏهن ته احسن علي به 25 رنز ٺاهي پويلين ڀيڙو ٿيو.

66 رنز تي ٻن رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ احمد شهزاد ۽ رائلي روسو ذميواراڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌايو ۽ پنهنجي ٽيم کي ڪامياب ڪيو.

احمد شهزاد 59 رنز جي شاندار اننگ کيڏي، جڏهن ته رائلي روسو به 39 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

 ڪوئيٽا هڪ سئو 39 رنز جوحدف ٻن وڪيٽن جي نقصان تي آساني سان 18هين اوور ۾ پورو ڪيو ۽ پهريون ڀيرو پي ايس ايل جو چيمپئن بڻجي ويو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*