سنڌ هاءِ ڪورٽ ڀتي خوري ۽ واپاري جي قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جي عمر قيد واري سزا برقرار رکندي هڪ شريڪ جوابدار کي 9 سالن کانپوءِ بري ڪري ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڀتي خوري ۽ واپاري جي قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جي عمر قيد واري سزا برقرار رکندي هڪ شريڪ جوابدار کي 9 سالن کانپوءِ بري ڪري ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ واپاري سهراب خان قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي سزا خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي وئي.

پوليس موجب جوابدارن 2010 ۾ پاڪستان بازار  ٿاڻي جي حد ۾ واپاري کان 5 لک رپيا گهريا هئا، ڀتو نه ٿيڻ تي واپاري کي قتل ڪيو ويو.

جاچ آفيسر ٻڌايو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدارن عمر قيد جي سزا ٻڌائي چڪي آهي، سندن اپيل رد ڪئي وڃي.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ جوابدار اصغر ۽ فتح جي عمر قيد واري سزا برقرار رکي ڇڏي، جڏهن ته عدالت شريڪ جوابدار ياسين گلزار جي سزا ڪالعدم قرار ڏئي کيس بري ڪري ڇڏيو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*