سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي وڪيلن چيف جسٽس سان ملاقات ڪري کيس سيشن عدالتن جا ڪيس داخل ڪرڻ وارا اختيار ختم ڪرڻ تي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي وڪيلن چيف جسٽس سان ملاقات ڪري کيس سيشن عدالتن جا ڪيس داخل ڪرڻ وارا اختيار ختم ڪرڻ تي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڪرائسٽ چرچ حملي خلاف وڪيلن پاران عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ پڻ ڪيو ويو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر محمد عاقل جي سربراهي ۾ وڪيلن جي وفد سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ سان ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ سيشن عدالتن کي شق اَي ٻاويهه ۽ شق بي تحت ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ مليل اختيار ختم ڪرڻ واري معاملي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

هاءِ ڪورٽ بار جي صدر محمد عاقل چيو ته وڪيل برادري کي شق اَي ٻاويهه ۽ بي جي خاتمي تي خدشا آهن، چيف جسٽس کي اپيل آهي ته هو ان معاملي کي حل ڪري.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وڪيل برادري کي خاطري ڪرائي هو سندن مسئلا حل ڪندو ۽ خدشن بابت سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي آگاهه ڪيو ويندو.

ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي وڪيل چيو ته ڪرائسٽ چرچ حملي تي وڪيلن پاران اڄ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو آهي، شهيدن جي وارثن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*