وزيراعظم عمران خان ڪامياب پي ايس ايل ڪرائڻ تي پي سي بي، انتظاميه ۽ سڪيورٽي فورسز کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته انشاءَ الله ايندڙ سال پي ايس ايل جون سموريون ميچز پاڪستان ۾ ئي ٿينديون

وزيراعظم عمران خان ڪامياب پي ايس ايل ڪرائڻ تي پي سي بي، انتظاميه ۽ سڪيورٽي فورسز کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته انشاءَ الله ايندڙ سال پي ايس ايل جون سموريون ميچز پاڪستان ۾ ئي ٿينديون. پنهنجي پراڻي دوست ووين رچرڊز کي به مبارڪون ڏيان ٿو.

پنهنجي جاري ڪيل ٽوئيٽ پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پي ايس ايل فور ڪاميابي سان پاڪستان ۾ ڪرائڻ تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، سيڪيورٽي فورسز ۽ انتظاميا کي واڌايون ڏيان ٿو.

وزيراعظم چيو ته آئون ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز، ٽيم مئنيجر  ۽ پنهنجي ووين رچرڊ کي زبردست ڪاميابي تي مبارڪون ڏيان ٿو.

وزيراعظم عمران خان چيو ته انشاءَ الله ايندڙ سال پي ايس ايل جون سموريون ميچز پاڪستان ۾ ٿينديون….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*