اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، سي پيڪ منصوبي جا 24 ارب رپيا ايم اين ايز کي ڏيڻ خلاف درخواست ٻڌڻ جوڳي هئڻ يا نه هئڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، سي پيڪ منصوبي جا 24 ارب رپيا ايم اين ايز کي ڏيڻ خلاف درخواست ٻڌڻ جوڳي هئڻ يا نه هئڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ۾ چيو آهي ته پارليامينٽ جي معاملن کي عدالت ۾ نه آندو وڃي، جيڪي اختيار اسيمبلي ميمبر وٽ آهن، اهي عدالت وٽ به نه آهن.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر من الله سي پيڪ جا 24 ارب رپيا ايم اين ايز کي ڏيڻ خلاف ن ليگ جي ايم اين اي محسن شاهه نواز رانجها جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار محسن شاهه نواز رانجها دليل ڏيندي چيو ته سي پيڪ جي منصوبن سان 24 ارب رپيا ڪڍي اسيمبلي ميمبرن کي ڏنا ويا آهن،ان معاملي ۾ حڪومت ملوث آهي.

درخواستگذار موجب هُن قومي اسيمبلي جي ميمبر طور لاڳاپيل وزارت کان تفصيل گهريا، جيڪي فراهم ناهن ڪيا ويا، 18 ڏينهن گذري ويا آهن، کيس تفصيل نٿا ڏنا وڃن.

چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ۾ چيو ته اوهان کي پارليامينٽ سان رابطو ڪرڻ گهرجي ها، عدالت چاهي ٿي ته پارليامينٽ جي بالادستي برقرار رهي.

چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته اهڙي درخواست عدالت ٻڌندي ته پارليامينٽ جي بالادستي کي ڇيهو رسندو.

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته پارليامينٽ جي معاملن کي عدالتن ۾ نه آندو وڃي، پارلياماني معاملا عدالت ۾ آڻڻ پارليامينٽ ۽ عدالتن لاءِ سٺو نه آهي.

چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته جيڪي اختيار قومي اسيمبلي کي حاصل آهي، اهي عدالت وٽ نه آهن، جيڪو ڪم پارليامينٽ کان ٿيڻو آهي، اهو ڪم اوهان عدالت کان نه ڪرايو.

عدالت دليل ٻڌڻ بعد درخواست ٻڌڻ جوڳي هئڻ يا نه هئڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*