سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جنگي جنون ۾ مبتلا ليڊرشپ جو اڀرڻ دنيا کي غير محفوظ بڻائي رهيو آهي

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جنگي جنون ۾ مبتلا ليڊرشپ جو اڀرڻ دنيا کي غير محفوظ بڻائي رهيو آهي، انهيءَ چرائپ کي منهن ڏيڻ لاءِ تهذيبن ۾ رابطن جي اهم ضرورت آهي.

ٽوئيٽ پيغام ۾ فواد چوڌري چيو ته اڄ قومي جهنڊو نيوزيلينڊ جي شهيدن جي سوڳ ۾ نويل آهي.

هن چيو ته، نيوزيلينڊ ۾ ڪرائسٽ چرچ ۾ شهيد ٿيلن جا وارث پنهنجي پيارن جا مڙهه حاصل ڪرڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن.

هن  چيو ته، جنگي جنون ۾ مبتلا ليڊرشپ جو اڀرڻ دنيا کي غير محفوظ بڻائي رهيو آهي.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير  فواد چوڌري چيو ته، انهيءَ چرائپ کي منهن ڏيڻ لاءِ تهذيبن ۾ رابطا وقت جي اهم ضرورت آهن…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*