حڪومت نئين حج پاليسي 2015 جو اعلان ڪري ڇڏيو

حڪومت نئين حج پاليسي 2015 جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت هـِن سال حج جو پئڪيج 2 لک 64 هزار 9 سئو 71 مقرر ڪيو ويو آهي، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار يوسف چيو آهي ته هلندڙ سال هڪ لک 43 هزار 3 سئو 68 پاڪستاني حج جي سعادت حاصل ڪري سگهندا، حج لاءِ پـُکا ڪڍڻ واري تقريب 14 مئي تي ٿيندي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار يوسف نئين حج پاليسي 2015 جو اعلان ڪيو.

سردار يوسف چيو ته هلندڙ سال گذريل سال جي ڀيٽ ۾ حج جا خرچ گهٽيا ويا آهن پر ڪنهن کي به مفت حج جي سهولت حاصل  نه هوندي.

مذهبي معاملن واري وزير چيو ته هلندڙ سال حج جو پئڪيج 2 لک 64 هزار 971 مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته قرباني ڪندڙ حاجين کي 14 هزار 2 سئو 10 رپيا اضافي جمع ڪرائڻا پوندا.

سردار يوسف جو چوڻ هو ته هلندڙ سال هڪ لک 43 هزار 368 پاڪستاني حج جي سعادت حاصل ڪري سگهندا، حاجين لاءِ ڪمپيوٽرائيزڊ سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ رکڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.

مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چيو ته 50 سيڪڙو حاجي پرائيوٽ ۽ 50 سيڪڙو سرڪاري ڪوٽا تي حج تي ويندا، جنهن لاءِ درخواستون 27 اپريل کان 8 مئي تائين وصول ڪيون وينديون ۽ پکا ڪڍڻ واري تقريب 14 مئي تي ٿيندي.

سردار يوسف ٻڌايو ته حاجين لاءِ سعودي عرب جي قانون تحت رهڻ جا انتظام به ڪيا ويندا، جڏهن ته حاجين کي کاڌو پڻ حڪومت پاران فراهم ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*