ڪوئيٽا سميت بلوچستان جي اڪثر علائقن ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي

ڪوئيٽا سميت بلوچستان جي اڪثر علائقن ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي، موسيمات کاتي موجب، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ برسات جو امڪان آهي، ڪالام  ۾ پارو ڪاٽو 4، پارا چنار ۾ ڪاٽو 3، استور ۾ ڪاٽو 2 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

ڪوئيٽا، خضدار، صحبتپور، اوستا محمد، گنداخا سميت بلوچستان جي اڪثر علائقن وقفي وقفي سان جاري رهندڙ برسات کانپوءِ  ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي.

برسات سبب ڪڻڪ، ٽماٽن، بصر ۽ ٻين فصلن کي نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي، جنهن سبب آبادگار پريشان آهن.

اوستا محمد، گنداخا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾  برسات  کانپوءِ ٿڌ جي شدت ۾ واڌ ٿي وئي آهي، جنهن سان فصل کي به نقصان پهتو آهي.

صحبت پور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ هلڪي برسات  کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي ويو آهي.

خضدار، ڊيرا مراد جمالي، ڊيرا الهيار ، جهل مگسي سميت ٻين علائقن ۾ برسات جو سلسلو وقي قفي سان جاري آهي، جنهن سبب ٿڌ جي شدت ۾ واڌ اچي وئي آهي.

موسيمات کاتي موجب، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ وڌيڪ برسات جو امڪان آهي، ڪالام  ۾ پارو ڪاٽو 4، پارا چنار ۾ ڪاٽو 3، استور ۾ ڪاٽو 2 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو

موسميات کاتي موجب، اڄ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي، جڏهن ته ڪوئيٽا، زوب، قلات، نصيرآباد، ڊي آءِ خان ميت برسات جو مڪان آهي.

موسميات کاتي موجب، سبي، سکر، لاڙڪاڻي، مڪران، ڪوهاٽ، بنون، ڊي جي خان ڊويزن ۾ ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*