ٺل ويجهو هڪ ئي ڳوٺ جا پنج ٻارڙا ٿيليسيميا جي بيماري سبب زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهن

ٺل ويجهو هڪ ئي ڳوٺ جا پنج ٻارڙا ٿيليسيميا جي بيماري سبب زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهن، وارثن وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي ٻارڙن جون حياتيون بچايون وڃن.

ڳوٺ الله بخش بروهي ۾ٻن معصوم ڀائرن سميت پنج ٻارڙا ٿيليسيميا جي بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ سبب سندن وارث پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.

بيماري ۾ مبتلا ٻارن  ۾ 7 سالن جي ٻارڙيءَ نيلم ڌي عزيز الله ڀٽي،5 سالن جو سرفراز پٽ صوبو خان، 8 سالن جو عبدالعزيز پٽ حاجي واحد بخش بروهي شامل آهن.

ٽن سالن جو انيس احمد پٽ اصغر علي ۽ ٻن سالن جي ٻارڙيءَ لاريب ڌي اڪبر علي به ٿيليسيميا جو شڪار ٿي ويا.

ٻارڙن جي وارثن وس وارن کان ٻارڙن جو علاج ڪرائڻ ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*