لاهور جي احتساب عدالت پيراگون هائوسنگ ڪيس ۾خواجا ڀائرن جي جڊيشل رمانڊ ۾ 4 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي

لاهور جي احتساب عدالت پيراگون هائوسنگ ڪيس ۾خواجا ڀائرن جي جڊيشل رمانڊ ۾ 4 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي.

احتساب عدالت جي جج سيد نجم الحسن پيراگون هائوسنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

پيراگون هائوسنگ ڪيس جي ٻڌڻي دوران جيل عملدارن سلمان رفيق کي عدالت ۾ پيش ڪيو.

جيل اختيارين خواجا سعد رفيق جي قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد ۾ موجود هجڻ جو جواز ڄاڻائي کيس عدالت ۾ پيش نه ڪيو.

جيل عملدارن عدالت ۾ خواجا سعد رفيق جي حاضريءَ کان ڇوٽ جي درخواست به عدالت ۾ جمع ڪرائي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته خواجا سعد رفيق اسلام آباد ۾ آهي، جنهن سبب هو ٻڌڻي لاءِ پيش نه ٿي سگهيو.

عدالت خواجا ڀائرن جي جڊيشل رمانڊ ۾ 4 اپريل تائين واڌ ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*