يمن جي آئيني حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ تي پاڪستان کي ڳڻتي آهي، وزيراعظم نواز شريف

وزيراعظم نواز شريف، وچ اوڀر جي سلامتي ۽ استحڪام کي وڌندڙ خطرن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته يمن جي  آئيني حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ تي پاڪستان کي  ڳڻتي آهي، سعودي عرب کي خطرو ٿيو ته ڀرپور دفاع ڪيو ويندو.

وزيراعظم نواز شريف ۽ سعودي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۾ ٿيل ملاقات جو سرڪاري پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي.

ملاقات ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، دفاع واري وزير خواجه آصف، پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري ۽ سعودي عرب جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

ملاقات دوران پاڪستان پاران وچ اوڀر جي سلامتي ۽ استڪام کي وڌندڙ خطرن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي، جڏهن ته انساني همدردي تحت يمن ۾ نيڪالي واري آپريشن لاءِ مدد جي پڻ آڇ ڪئي وئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان، يمن بحران لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جو خواهشمند آهي، يمن ۾ آئيني حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.

وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪئي آهي، سعودي عرب جي سلامتي ۽ تحفظ پاڪستان جي پاليسي جو حصو آهي، جيڪڏهن سعودي کي ڪو خطرو ٿيو ته پاڪستان ڀرپور جواب ڏيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*