مسلمان نيوزيلينڊ جي معاشري جو اڻٽٽ حصو آهن، انهن کي ڪير به اسان کان ڌار ڪري نه ٿو سگهي، جيسندا آرڊرن

نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسندا آرڊرن ڪرائيسٽ چرچ سانحي دوران دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪائيندي شهيد ٿي ويل پاڪستاني سپوت نعيم رشيد کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته نيوزيلينڊ کي اهڙن شهرين تي فخر آهي، هن دهشتگرد تي ڪريڊٽ ڪارڊ مشين سان حملو ڪندڙ افغان شهري عبدالعزيز جي به واکاڻ ڪئي.

وزيراعظم جيسندا آرڊرن پارليامينٽ کي خطاب جي شروعات “اسلام و عليڪم” جي لفظن سان ڪئي. جيسندا چيو ته مسجدن تي حملن دوران جيڪي مسلمان شهري مارجي ويا اهي ڪي ٻيا نه پر اسان پاڻ هئاسين، مسلمان نيوزيلينڊ جي معاشري جو اڻٽٽ حصو آهن، انهن کي ڪير به اسان کان ڌار ڪري نه ٿو سگهي.

وزيراعظم جيسندا النور مسجد تي حملو ڪندڙ دهشتگرد کي روڪڻ جي ڪوشش دوران شهيد ٿي ويل پاڪستاني نعيم رشيد جي بهادري ۽ جرئت جي تعريف ڪئي ۽ کيس ڀيٽا پيش ڪئي. هن افغان شهري عبدالعزيز ۽ دهشتگرد کي گرفتار ڪندڙ ٻن مقامي پوليس آفيسرز جي جرئت کي به سلام پيش ڪيو.

ڪيوي وزيراعظم دهشتگرد جو ذڪر ڪرڻ وقت سندس نالو کڻڻ کان انڪار ڪندي چيو ته هو هڪ قاتل، دهشتگرد ۽ انتهاپسند آهي. نيوزيلينڊ پاران هن کي ڪجهه به نه ملندو، نيوزيلينڊ جا ماڻهو هن جو نالو به نه کڻندا ۽ هو اسان لاءِ سدائين بي نام رهندو.

وزيراعظم جيسندا متاثر ڪٽنبن کي سمورين سهولتن ۽ تحفظ جي فراهمي جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته تمام جلد نيوزيلينڊ ۾ هٿيارن بابت قانون تبديل ڪيا ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*