لاڙڪاڻو روڊ تي سکر کان نئون ديرو مسافر کڻي ويندڙ رڪشا کي اوچتو باهه لڳي وئي

مديجي ۾ هلندڙ رڪشا کي اوچتو باهه لڳي وئي، رڪشا ڊرائيور ۽ مسافرن  ٽپا ڏئي جان بچائي، رڪشا مڪمل طور سڙي ويو، ڊرائيور جو چوڻ آهي ته هو سکر کان نئون ديرو مسافر کڻي وڃي رهيو ته انجن گرم ٿي وڃڻ ڪري رڪشا کي باهه لڳي.

لاڙڪاڻو روڊ تي سکر کان نئون ديرو مسافر کڻي ويندڙ رڪشا کي اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن دوران ڊرائيور ۽ مسافرن فوري طور لهي جان بچائي ورتي، ان دوران رڪشا مڪمل طور سڙي ويو.

ڊرائيور جو چوڻ آهي ته هو مسافر کڻي وڃي رهيو ته انجڻ گرم ٿي وڃڻ ڪري رڪشا ۾ باهه لڳي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*