آصف زرداري پارڪ لين ڪرپشن ڪيس ۾ نيب جي گرفتاري کان اڳ حفاظتي ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو

اڳوڻي صدر آصف زرداري پارڪ لين ڪرپشن ڪيس ۾ نيب جي گرفتاري کان اڳ حفاظتي ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو، جڏهن ته فريال ٽالپر به مني لانڊرنگ ڪيس ۾ حفاطتي ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

آصف علي زرداري پنهنجي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ ذريعي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست جمع ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته هو پارڪ لين ڪيس ۾ نيب آڏو پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهن پر خدشو آهي ته نيب گرفتار ڪندي تنهنڪري سندس حفاظتي ضمانت منظور ڪئي وڃي.

اڳوڻي صدر جي ڀيڻ فريال ٽالپر به مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*