نواز شريف سان ملاقات وارو حق کسڻ ظُلم ۽ ناانصافي آهي، شهباز شريف

 قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته نواز شريف سان ملاقات وارو حق کسڻ ظُلم ۽ ناانصافي آهي، هاڻي نواز شريف سان ملاقات رڳو خميس ڏهاڙي تائين محدود ڪئي وئي آهي.

پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پهريان 2 کان 3 ڏينهن نواز شريف سان ملڻ جي اجازت هوندي هئي، جئين سندس طبعيت بابت معلوم ڪري سگهجي، پر هاڻ پي ٽي آءِ جي حڪومت نانصافي تي لهي آهي.

شهباز شريف چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت نواز شريف جي خراب طبعيت واري معاملي کي سنجيدگيءَ سان وٺي، ٻي صورت ۾وفاقي حڪومت ئي ان جي ذميوار هوندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*