وزيرن جا پابندي مڙهيل تنظيمن سان واسطا هجڻ وارا الزام غلط آهن، اسد عمر

ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته وزيرن جا پابندي مڙهيل تنظيمن سان واسطا هجڻ وارا الزام غلط آهن، اليڪشن مهم دوران جن پارٽين سندس ساٿ ڏنو، اهي پاڻ دهشتگرديءَ جو شڪار رهيون آهن.

اسلام آباد ۾انساني وسيلن بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اسد عمر وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي معيشت ايليٽ ڪلچر جو شڪار آهي، بهاني بازي واري پاليسي پاڪستان ۾گهڻي عرصي کان هلي رهي آهي.

اسد عمر چيو ته انساني وسيلن جي ترقي ۽ غربت جو خاتمو حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، اقتصادي ترقيءَ آڏو رنڊڪ کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*