پاڪستان يمن ۾ امدادي ڪاررواين ۾ انساني همدردي تحت حصو وٺندو، پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم

پاڪستان، يمن ۾ فضائي ڪارروائي بند ٿيڻ بند امدادي ڪاررواين ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو  آهي، پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته انساني همدردي ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب پاڪستان جو ڪردار هوندو، وزيراعظم سعودي عرب جي دوري دوران دفاع واري وزير سان ملاقات ڪئي، يمن معاملي جو سياسي حل ڪڍڻ تي راضپو ظاهر ڪيو ويو آهي.

هڪ جاري ڪيل بيان ۾ پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم چيو آهي ته پاڪستان يمن ۾ امدادي ڪاررواين ۾ انساني همدردي تحت حصو وٺندو، پاڪستان جو ڪردار گڏيل قومن جي ٺهرائي 22 سئو 16 موجب هوندو.

هن چيو ته يمن جي صورتحال تي  پاڪستان جو موقف واضح آهي، سعودي عرب جي دوري دوران وزيراعظم نواز شريف، سعودي بادشاهه سان ملاقات ڪئي، جڏهن ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف به سعودي دفاع واري وزير سان ملاقات ڪئي.

پرڏيهي ترجمان چيو ته يمن مسئلي جو سياسي حل ڪڍڻ بابت ڪردار ادا ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*