پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ۾ پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 22مارچ تي دبئي ۾ کيڏي ويندي

آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم خلاف گڏيل عرب امارات ۾ رٿيل پنج ون ڊي ميچزتي ٻڌل سيريز کيڏڻ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جا سمورا رانديگر اڄ ملڪ جي مختلف شهرن مان روانا ٿيندا، سيريز ۾ شعيب ملڪ  سرفراز جي جاءِ تي ٽيم جي قيادت ڪندو.

پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ۾ پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 22مارچ تي دبئي ۾ کيڏي ويندي.

قومي ٽيم جا رانديگر ملڪ جي مختلف شهرن مان روانا ٿيندا ۽ اڄ شام جو دبئي ۾گڏ ٿيندا.

آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز لاءِقومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد کي آرام ڪرايو ويو آهي، جنهن سبب قيادت جون زميواريون شعيب ملڪ حوالي ڪئي وئي آهي.

16رڪني اسڪواڊ ۾ امام الحق، شان مسعود،عمراڪمل، حارث سهيل،عماد وسيم، فهيم آشرف، محمد عامر، جنيد خان، محمد عباس، عثمان خان شنواري، ياسر شاهه ، سعد علي ۽ محمد حسنين شامل آهن.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سلڪيشن ڪميٽي ڪينگروز خلاف رٿيل ون ڊي سيريز ۾ ڇهه رانديگرن کي آرام ڪرايو آهي، جنهن ۾ ڪپتان سرفراز احمد، بابر اعظم، فخرزمان، حسن علي، شاهين شاهه آفريدي۽ شاداب خان شامل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*