سپريم ڪورٽ العزيزيا اسٽيل ملز ڪيس ۾ نواز شريف جي ضمانت واري درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي

سپريم ڪورٽ العزيزيا اسٽيل ملز ڪيس ۾ نواز شريف جي ضمانت واري درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي، نيب سميت سمورين ڌرين کي 26 مارچ تائين جواب جمع ڪرائڻ لاءِ نوٽيس به جاري ڪيا ويا آهن.

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾3 رڪني بئنچ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي العزيزيا اسٽيل ملز ڪيس ۾ضمانت واري اپيل جي ٻڌڻي ڪئي.

اپيل جي ٻڌڻي دوران وڪيل خواجا حارث اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جون 5 مختلف وقتن جون ميڊيڪل رپورٽس جمع ڪرائي ڇڏيون.

ٻڌڻي دوران وڪيل خواجا حارث عدالت کي ٻڌايو ته نواز شريف کي هائپرٽينشن، دل جي بيماريءَ سميت ٻيون به ڪيتريون ئي بيماريون آهن.

وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته طبي رپورٽس کي نظر ۾ رکندي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ضمانت منظور ڪئي وڃي.

اپيل جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آصف سعيد کوسا ريمارڪس ڏيندي چيو ته نئين ۽ پراڻين طبي رپورٽس جو جائزو وٺنداسين، هڪ رپورٽ ۾ نواز شريف جي عمر 65 سال ڄاڻايل آهي، ٻي رپورٽ ۾ سندس عمر 4 سال گهٽ ٻڌائي وئِي آهي.

چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته طبي رپورٽس موجب نواز شريف جي طبعيت تمام گهڻي خراب آهي پر پوءِ به هن ڀرپور اليڪشن مهم هلائي ، ڪيسن کي منهن ڏنو ۽ سياسي سرگرميون جاري رکيون.

چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته ڇا ڪو اهڙو مثال موجود آهي ته ڪنهن سزا مليل جوابدار جو نالو عدالتي ٻڌڻي ذريعي اي سي ايل مان ڪڍيو ويو هجي ؟

نواز شريف جي طبي رپورٽس تي ڳالهائيندي چيف جسٽس چيو ته نواز شريف جون رڳو ٽيسون ڪيون ويون يا سندس علاج به ٿيو ؟ سيني ۾ سور ته دوا سان به ٺيڪ ٿي ويندو آهي، نواز شريف جي دل جي علاج جي ضرورت نه هئي، رپورٽس تي هاءِ پروفائيل لکڻ سان ليب اٽيڊنٽ به ان کي سيريز وٺندو آهي.

عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ضمانت واري درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي نيب سميت سمورين ڌرين کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي 26 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*