ڪراچي ۾ سنڌ هاري تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ جي سڏ تي بدين ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي

ڪراچي ۾ سنڌ هاري تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ جي سڏ تي بدين ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

سنڌ هاري تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن مظهر رائيجو ، ايڊووڪيٽ منور جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

اڳواڻن چيو ته بدين ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ سبب زمينون بنجر بڻجي ويون آهن، جنهن ڪري آبادگار ۽ هاري پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن الزام هنيو ته پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۾ هڪ سياسي اڳواڻ جو هٿ آهي، جيڪو بدين جي زمينن کي برباد ڪرڻ چاهي ٿو.

احتجاج ڪندڙن بدين جي شاخن ۽ واهن ۾ بنا دير پاڻي ڇڏڻ جو مطالبو ڪيو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*