پيرڳوٺ ۾ سول جج صحت مرڪز تي ڇاپو هڻي رڪارڊ چيڪ ڪيو

پيرڳوٺ ۾ سول جج صحت مرڪز تي ڇاپو هڻي رڪارڊ چيڪ ڪيو، ان دوران مريضن دوائن ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ جون شڪايتون ڪيون.

سول جج خالد ستار سومرو  پيرڳوٺ جي رورل هيلٿ سينٽر ۽ بيسڪ هيلٿ سينٽرن تي اوچتو ڇاپا هڻي رڪارڊ چيڪ ڪيو ۽ عملي کان پڇا ڳاڇا ڪئي.

سول جج دوائن جي کوٽ جي دانهن ۽  ملازم غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

 سول جج جو چوڻ هو ته عملي جي غير حاضري ۽ دوائن جي کوٽ بابت اعليٰ اختيارين کي لکت ۾ آگاهه ڪيوويندو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*