سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي ختم ڪرڻ  مخالف ڌر جي وس ۾ ناهي

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي ختم ڪرڻ  مخالف ڌر جي وس ۾ ناهي، سنڌ حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ 50 ايم پي ايز  گهرجن، مخالف ڌُر وٽ وڌيڪ ھڪ به ايم پي اي ناھي، عمر ڪوٽ ۾ ايم پي اي قاسم سراج سومرو سان والده جي وفات تي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ٿر ڪول جي پھرين پاور پلانٽ بجلي پيدوار ڪم شروع ڪري ڇڏيي آھي، اھا سنڌ حڪومت جي ڪاميابي آھي.

هن وڌيڪ چيو ته هيلي ڪاپٽر تان ڏٺو آهي ته شاخون تار وهي رهيون آهن، پُوڇڙ ۾ پاڻي کوٽ ختم ڪري ڇڏي آهي.

وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت کي ختم ڪرڻ ڪنھن جي به وس ۾ ناھي، سنڌ حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ 50 ايم پي ايز  گهرجن، مخالف ڌُر وٽ وڌيڪ ھڪ به ايم پي اي ناھي.

هن چيو ته عمرڪوٽ کي گئس ڏيڻ جي سفارش ڪئي، پر وفاقي حڪومت سنجيده ناھي، نواز شريف ۽ عمران خان ان مسئلي کي نظرانداز ڪري ڇڏيو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*