لاڙڪاڻي ۾ اسٽيوٽا جي ملازمن پگهارن ۾ واڌ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو

لاڙڪاڻي ۾ اسٽيوٽا جي ملازمن پگهارن ۾ واڌ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ملازمن خالد مصطفيٰ لغاري، واجد علي رونگهو، غلام شبير عباسي، سليم چانڊيو، عبدالله سنڌي ۽ ٻين چيو ته گذريل 9 مهينن کان فوتي ڪوٽا جي ملازمن کي پگهارون نه ملي سگهيون آهن.

هنن چيو ته ملازم پروموشن ۽ ٻين سهولتن کان محروم آهن، سنڌ جي ٻين کاتن جيان اسٽيوٽا جي ملازمن جون پگهارون آن لائين ٿي نه سگهيون آهن جنهن ڪري هر ٻئي ٽئين مهيني پگهارن جو مسئلو رهي ٿو.

 هنن سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته ملازمن جا جائز مطالبا منظور ڪري فوتي ڪوٽا جي ملازمن کي پگهارون ڏيڻ سان گڏ مراعتون ڏنيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*