لاڙڪاڻي ۾ تعليمي بورڊ جي ملازمن پاران ٻئي ڏينهن به ريگيوليٽري اٿارٽي خلاف آفيسن جي تالابندي ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

لاڙڪاڻي ۾ تعليمي بورڊ جي ملازمن پاران ٻئي ڏينهن به ريگيوليٽري اٿارٽي خلاف آفيسن جي تالابندي ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ملازمن محمد علي ڏيپر، ڪريم داد ڪلهوڙو، محمد ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت تعليمي بورڊن کي ريگيوليٽري اٿارٽي جي ماتحت بڻائي ڇا ثابت ڪرڻ چاهي ٿي؟.

هنن چيو ته چيئرمين کي بڻائڻ سان هو ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏيندو جو کيس سنڌ جي 7 ئي تعليمي بورڊن جا اختيار ڏئي ملازمن کي پريشان ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته ڊاڪٽر عاصم مٿان نيب ۾ 480 ارب روپين جي ڪرپشن جو ڪيس هلي رهيو آهي جڏهن ته ملازمن ٻن ڏينهن کان احتجاج ڪري رهيا آهيون پر حڪومت جو ڪو به نمائندو ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهي. هنن چيو ته آفيسن جي تالابندي سبب شاگردن ۽ سندن جي والدين کي پريشانين جو منهن ڏسڻو پئجي ويو آهي جيڪا ذميواري سنڌ حڪومت ۽ ڊاڪٽر عاصم مٿان آهي. هنن سنڌ جي وڏي وزير سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته ريگيوليٽري اٿارٽي وارو فيصلو واپس وٺي ملازمن ۾ ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*