قمبر ۾ وڌندڙ گندگي ۽ ترقياتي ڪمن نه ٿيڻ خلاف پي ٽي آءِ جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

قمبر ۾ وڌندڙ گندگي ۽ ترقياتي ڪمن نه ٿيڻ خلاف پي ٽي آءِ جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

پي ٽي آءِ ڪارڪنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري  نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي گل حسن هڪڙو، نثار ڏيپر ۽ ٻين چيو ته قمبر ميونسپل کي شهر جي صفائي ۽ ترقياتي ڪمن لاءِ  ماهوار ڏيڍ ڪروڙ روپين جي گرانٽ ملندي آھي پر ان جو ڪوبه پتو ناهي.

هنن چيو ته شهر ۾ هر هنڌ گندگي جا ڍير لڳل آهن، پر ڪير به شهر جو والي وارث ناهي.

هنن مطالبو ڪيو ته فنڊن جو درست استعمال ڪري ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*