شهيد بينظير آباد جي ٻيلن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ  ٻيلي کاتي طرفان آپريشن شروع ڪيو ويو آهي

شهيد بينظير آباد جي ٻيلن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ  ٻيلي کاتي طرفان آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

  لاکاٽ ٻيلي جي 6 هزار ايڪڙزمين تان  قبضو ڇڏائڻ لاءِ ديهه ترڇي کان آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

ڊي ايف او گل محمد جوڻيجو جي اڳواڻي ۾پوليس ۽ فاريسٽ عملي آپريشن ڪندي 13 ٽيوب ويلز  پٽي ڇڏيا.

ڊي ايف او موجب ضلعي جي  60هزار ايڪڙ ٻيلي کاتي جي زمين آهي، جنهن مان 40 ھزار ايڪڙن تي قبضو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته هن وقت تائين ٺٺ جاگير ۾ 800 ايڪڙ، سک پور ٻيلي ۾ 18 سئو ايڪڙ، لاکاٽ ٻيلي ۾ 900 ايڪڙقبضن کان آجا ڪرايا ويا آهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*