پنجاب جي اڳوڻي سينيئر وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عبدالعليم خان ضمانت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي

پنجاب جي اڳوڻي سينيئر وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عبدالعليم خان ضمانت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عبدالعليم خان ضمانت لاءِ عدالت سان رابطو ڪندي موقف اختيار ڪيو آهي ته غيرقانوني اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي، تنهن باوجود جيل ۾ قيد رکيو ويو آهي.

درخواست ۾استدعا ڪئي وئي آهي ته عبدالعليم کي جيل ۾ رکڻ جو ڪوبه جواز ناهي، کيس ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

واضح رهي ته نيب عليم خان کي 6 فيبروريءَ تي گرفتار ڪيو هو، مٿس آمدنيءَ کان وڌيڪ اثاثا هجڻ جو الزام آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*