پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي بيجنگ ۾چين جي نائب صدر وانگ ڪيشان سان ملاقات ڪئي آهي

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي بيجنگ ۾چين جي نائب صدر وانگ ڪيشان سان ملاقات ڪئي آهي.

 پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ چين جي نائب صدر وانگ ڪيشان وچ ۾ ملاقات دوران پاڪ-چين اقتصادي راهداري سميت علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ملاقات کانپوءِ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا مثالي آهن، پاڪستان سمورن پاڙيسرين سان بهتر لاڳاپن جو خواهشمند آهي.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان به غربت ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ چين جي تجربي مان لاڀ ماڻڻ جي ڪوشش ڪندو، چين بهترين پاڙيسري هجڻ جو فرض نڀايو آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*