نوابشاهه ۽ سنڌڙي ويجهو باهه لڳڻ جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ 6 گهر سڙي ويا،2 ٻڪريون، 100مڻ  ڪڻڪ ۽ ٻيو سامان  به سڙي رک ٿي ويو

نوابشاهه ۽ سنڌڙي ويجهو باهه لڳڻ جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ 6 گهر سڙي ويا،2 ٻڪريون، 100مڻ  ڪڻڪ ۽ ٻيو سامان  به سڙي رک ٿي ويو.

ڳوٺ صاحب خان زرداري ۾بجليءَ جي شارٽ سرڪٽ سبب گهر کي باهه وڪوڙي وئي، جنهن ڏسندي ئي ڏسندي ٻين گهرن کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.

 باهه ۾3 گهر الهه تلهه سميت سڙي رک ٿي ويا،ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو.

هوڏانهن سنڌڙي ڀرسان ڳوٺ يعقوب شيخ  ۾ باهه لڳڻ ڪري 3گهر سڙي ويا، گهرن ۾بيٺل 2 ٻڪريون، 100مڻ  ڪڻڪ    ۽ ٻيو سامان  به سڙي رک ٿي ويو .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*