راولپنڊي جي عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار ماڊل گرل ايان علي جي جڊيشل رمانڊ ۾ هفتي تائين واڌ ڪري ڇڏي

راولپنڊي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت، مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار ماڊل گرل ايان علي جي جڊيشل رمانڊ ۾ هڪ هفتي تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جو مڪمل چالان پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

راولپنڊي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج بهادر علي مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ايان علي کي به پيش ڪيو ويو.

ٻڌڻيءَ دوران جج، ايان علي کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان کي جيل ۾ ڪو مسئلو ته ناهي، جنهن تي ماڊل گرل ٻڌايو ته کيس الرجي آهي، جيل انتظاميه پاران دوائون فراهم نٿيون ڪيون وڃن.

جج ريمارڪس ڏنا ته دوائن جي فراهمي لاءِ هاڻي ئي حڪم جاري ڪيون ٿا.

ٻڌڻيءَ جي موقعي تي ڪسٽم اختيارين هڪ ڀيرو ٻيهر عدالت کان چالان پيش ڪرڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي.

عدالت مهلت واري استدعا منظور ڪندي ايان علي جي جديشل رمانڊ ۾ هڪ هفتي تائين واڌ ڪري ڇڏي ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جو چالان پيش ڪرڻ جو به حڪم جاري ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*