پ پ اڳواڻ نثار کهڙو چيو آهي ته پارليامينٽ ۾ عمران خان جي پنهنجي جماعت جي ڪابه اڪثريت ناهي

پ پ اڳواڻ نثار کهڙو چيو آهي ته پارليامينٽ ۾ عمران خان جي پنهنجي جماعت جي ڪابه اڪثريت ناهي، ٻين جماعتن جي مدد سان هو وزير اعظم بڻيو آهي.

لاڙڪاڻي ۾ پ پ اڳواڻ اياز سومرو جي ياد ۾ ڪوٺايل تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي نثار کهڙو چيو ته ملڪ ۾ سليڪٽڊ وزير اعظم سليڪٽڊ احتسابي پاليسي هلي رهي آهي،پ پ قيادت جي ڪيسن کي پنڊي منتقل ڪرڻ سان ثابت ٿي ويو آهي ته احتساب سليڪٽڊ آهي.

هن چيو ته پيپلزپارٽي کي نشانو بڻايو پيو وڃي،اپوزيشن کي بدنام ڪرڻ کانسواءِ حڪومت کي ٻيو ڪوبه ڪم ناهي.

هن چيو ته اپوزيشن کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ نشانو بڻايو پيو وڃي، پيپلزپارٽي سختيون برداشت ڪرڻ ڄاڻي ٿي.

نثار کهڙو چيو ته جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ ڪوبه ثبوت ناهي مليو، عدالت رڪارڊ نه هئڻ ڪري ريفرنس واپس ڪيو ويو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*