نئون ديرو ڀرسان هٿيار بندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

نئون ديرو ڀرسان هٿيار بندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، وارثن جو چوڻ آهي ته مقتول نوجوان پنهنجي زال کي هڪ نوجوان سان ڪارنهن الزام ڏنو هو، جنهن تان جوابدارن کيس قتل ڪيو آهي.

ڳوٺ ڳاهو خان شر ۾ جوابدار فائرنگ ڪري 35 ورهين جي شمن علي شر کي قتل ڪرڻ کانپوءِ فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.

اطلاع ملڻ تي ڳڙھي خدابخش پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول نوجوان جو لاش کڻي پوسٽ مارٽم لاءِ نئون ديرو اسپتال پهچايو.

مقتول جي چاچي راهب شر ٻڌايو ته  نوجوان شمن بيمار پڦي جي عيادت لاءِ وڃي رهيو هو ته جوابدار نبن شر ۽ بجار شر سميت 7 هٿياربندن گوليون هڻي کيس قتل ڪيو آهي.

هن چيو ته مقتول نوجوان گهرواري کي جوابدار نبن شر جي پٽ سان ڪارنهن جو الزام ڏنو هو، جنهن تان جوابدارن کيس قتل ڪيو آھي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*