سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي پوليس کاتي ۾ ڪرپشن واري ڪيس ۾ پلي بارگين ڪندڙ جوابدارن جي درخواستن تي 18 اپريل تائين فيصلو ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي پوليس کاتي ۾ ڪرپشن واري ڪيس ۾ پلي بارگين ڪندڙ جوابدارن جي درخواستن تي 18 اپريل تائين فيصلو ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پوليس کاتي جي فنڊز ۾ گهوٻين واري ڪيس ۾ ملوث اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي ۽ اي آءِ جي سميت ٻين جوابدارن جي ضمانتن وارين درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.

نيب عدالت کي آگاهي ڏني ته جوابدار تنوير احمد، عتيق الرحمان ۽ شفيق پلي بارگين  لاءِ درخواستون ڏنيون آهن، جيڪي هيڊ ڪوارٽر ڏانهن اماڻيون ويون آهن.

عدالت نيب جي اهڙي آگاهي کانپوءِ جوابدارن جي پِلي بارگين بابت درخواستن تي فيصلو 18 اپريل تائين ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي ۽ ٻين جوابدارن تي پوليس جي فنڊز ۾ 15 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ذريعي قومي ناڻي کي نقصان پهچائڻ جو الزام آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*