نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسندا آرڊرن اسلام ۽ مسلمان دوست قدمن سبب اسلامي دنيا ۾ مقبول ٿي وئي

نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسندا آرڊرن اسلام ۽ مسلمان دوست قدمن سبب اسلامي دنيا ۾ مقبول ٿي وئي، وزيراعظم جيسندا آرڊرن چيو آهي ته جمعي ڏينهن نيوزيلينڊ جي ريڊيو ۽ ٽي وي تان اذان نشر ڪئي ويندي ۽ ڪرائيسٽ چرچ جي شهيدن جي ياد ۾ ٻن منٽن جي خاموشي به اختيار ڪئي ويندي.

پريس ڪانفرنس ڪندي جيسينڊا آرڊرن چيو ته نسل پرستي سان انتهاپسندي وڌندي آهي، دهشتگردي سبب جيڪي وڇڙي ويا، انهن کي ياد رکيو ويندو.

هن چيو ته، هٿيار رکڻ جي قانون ۾ ڪافي غلطيون آهن، نيوزي لينڊ شهيدن جو گهر هو انهي محفوظ هجڻ کپي ها.

هن چيو ته، اسانکي سوشل ميڊيا جي معاملي تي متحد محاذ ٺاهڻ گهرجي، صدر ٽرمپ بيان بازي ڪري غلطي ڪري رهيو آهي، آسٽريليا سان لاڳاپا متاثر نه ٿيندا.

نيوزي لينڊ جي وزيراعظم  چيو ته، شهيدن جي 24 ڪلاڪن ۾ تدفين نه ٿيڻ تي وارثن جي ڏک جو احساس آهي.

جيسينڊا آرڊرن چيو ته، جمعي تي ملڪ ۾ ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي، جمعي تي مسلمانن سان يوم يڪجهتي ملهايو ويندو.

نيوزي لينڊ جي وزيراعظم  چيو ته، جمعي جي آذان ٽيليوزن ۽ ريڊيو تي نشر ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*