ڪرائيسٽ چرچ سانحي جي 50 شهيدن مان ٻن ڄڻن جي جنازي نماز بعد تدفين ڪئي وئي

ڪرائيسٽ چرچ سانحي جي 50 شهيدن مان ٻن ڄڻن جي جنازي نماز بعد تدفين ڪئي وئي، شڪيوي پوليس جي سربراهه چيو آهي ته هٿيارن بابت قانون ۾ تبديلي جي اعلان کانپوءِ ڪيترن ئي شهرين پاڻمرادو هٿيار جمع ڪرائڻ شروع ڪيا آهن.

ڪرائسٽ سانحي ۾ شهيد ٿيل ٻن خالد ۽ سندس پٽ حمزه جي جنازي نماد ادا ڪرڻ بعد تدفين ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن شرڪت ڪئي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، خالد پنهنجي ڪٽنب سان ڪجهه مهينا اڳ شام کان نيوزيلينڊ منتقل ٿيو هو، خالد ۽ سندس پٽ حمزه النور مسجد ۾ شهيد ٿيا هئا.

پرڏيهي ميڊيا موجب، نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ مسجدن تي حملي ۾ شهيد ٿيلن مان 21 ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي وئي، جڏهن ته 36 زخمين جو علاج جاري آهي، 8 ڄڻن جي حالت جوڳي آهي.

نيوزيليند پوليس موجب، ڪرائسٽ چرچ مسجدن جي حملي جو اطلاع ملڻ جي 21 منٽن کانپوءِ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو هو.

ڪيوي پوليس جي سربراهه موجب، آسٽريلوي دهشتگرد ان وقت ٽئين هدف ڏانهن وڌي رهيو ته کيس حراست ۾ ورتو ويو.

پوليس موجب، اهلڪارن کي حملي وار هنڌ پهچڻ ۾ 10 منٽ لڳا، برينٽن ٽيرنٽ کي ٻن اهلڪارن گرفتار ڪيو.

ڪيوي پوليس جي سربراهه چيو ته هٿيارن بابت قانون ۾ تبديلي جي اعلان کانپوءِ ڪيترن ئي شهرين پاڻمرادو هٿيار جمع ڪرائڻ شروع ڪيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*