طالبان خان جي جهلڪ اسلام آباد ۾ نيب هيڊڪوارٽرز ٻاهران نظر اچي رهي آهي، بختاور ڀٽو زرداري

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڌيءُ  بختاور ڀٽو زرداري چيو آهي ته طالبان خان جي جمهوريت جي جهلڪ اسلام آباد ۾ نيب هيڊڪوارٽرز ٻاهران نظر اچي رهي آهي، پابندي مڙهيل تنظيمن جا ڪارڪن آزاد ۽ پيپلزپارٽي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي.

پنهنجي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ بختاور ڀٽو زرداري چيو ته طالبان خان جي جمهوريت جي جهلڪ اسلام آباد ۾ نيب هيڊڪوارٽرز ٻاهران نظر اچي رهي آهي.

هن چيو ته، هاڻوڪي حڪومت ۽ ضياءَ جي آمريت ۾ ڪو فرق نه آهي، جعلي حڪومت تنقيد جي ڪري بلاول کي طلب ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته، خاندان جي ٽئين نسل جو ڪوڙن ڪيسز ۾ ٽرائل ٿي رهيو آهي. پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن کي آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سان ٻڌي جو اظهار ڪرڻ تي نيب آفيس ٻاهران گرفتار ڪيو پيو وڃي.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڌيءُ   چيو ته، نيب اڄ اسان کي پاڪستان جي تاريخ جي ڪهڙي ياد ڏياري رهي آهي؟

هن چيو ته هي 2019 جي شروعات آهي، اسان طالبان خان پاڪستان کي ڀيلڪار چئون ٿا.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڌيءُ  چيو ته ملڪ ۾ پابندي مڙهيل تنظيمون ته آزاد آهن پر پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي.

بختاور ڀٽو زرداري چيو ته اسان جي ٽئين پيڙهي جو ٽرائل ڪيو پيو وڃي پر اڃا تائين ڪنهن به آمر جو احتساب ناهي ڪيو ويو.

هن چيو ته، اسان جي ناني کي به انصاف نه ملي سگهيو ، پر تنهن باوجود اڻپوري انصاف واري نظام ذوالفقار ڀٽي جي ڏوهٽي کي ٽرائل جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته بلاول ڀٽي کي ڪهڙي بنياد تي نيب نشانو بڻائي پيو ؟ حڪومت جي لاڏلي وزيرن تي تنقيد ڪرڻ جي ڪري ؟

بختار ڀٽو چيو ته ٻڌايو وڃي ته ڪابينا ۾پابندي مڙهيل تنظيمن سان واسطو رکندڙ وزيرن بابت بيان ڏيڻ تي ؟ يا حڪومت مان پابندي مڙهيل وزيرن کي نيڪالي ڏيڻ واري مطالبي تي بلاول ڀٽي خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي ؟

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڌيءُ   چيو ته هن حڪومت ۽ ضيا جي آمريت ۾ڪوبه فرق ناهي، ضيا جا پٽ ۽ ڏوهٽا ڪٿي آهن ؟ مشرف به آزاد گهمي رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*