لاهور جي عدالت منشيات اسمگلنگ ڪيس ۾ پرڏيهي ماڊل ٽريزا کي اٺ سال ۽ اٺ مهينا قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

لاهور جي سيشن عدالت منشيات اسمگلنگ ڪيس ۾ پرڏيهي ماڊل ٽريزا کي اٺ سال ۽ اٺ مهينا قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت ماڊل تي هڪ لک 13 هزار رپين جو ڏنڊ به لاڳو ڪيو، عدالتي فيصلي کانپوءِ ماڊل ٽريزا روئي ڏنو، کيس 10 جنوري 2018 ۾ ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو.

لاهور جي سيشن عدالت ۾ منشيات اسمگلنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ماڊل ٽريزا کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

ايڊيشنل سيشن جج شهزاد رضا محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو ته ان وقت چيڪ ريپبلڪ جو سفارتخاني جو ڊپٽي سيڪريٽري به موجود هو.

لاهور جي سيشن عدالت منشيات اسمگلنگ ڪيس ۾ پرڏيهي ماڊل ٽريزا کي اٺ سال ۽ اٺ مهينا قيد جي سزا ٻڌائي.

عدالت ماڊل ٽريزا تي هڪ لک 13 هزار رپين جو ڏنڊ به لاڳو ڪيو، جڏهن ته عدالتي فيصلي کانپوءِ ماڊل ٽريزا روئي ڏنو.

واضح رهي ته ماڊل ٽريزا کي 10 جنوري 2018 ۾ ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو هو، جڏهن ته سامان مان 9 ڪلو هيروئن به هٿ ڪئي وئي هئي، جڏهن بعد ڪيس لاهور جي سيشن عدالت ۾ هلايو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*